شيخ ڀرڪيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ جو حڪم نظر انداز، تعليمي سرگرميون شروع نه ٿيون

تعليمي کاتي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد جو حڪم نظرانداز ڪري ڇڏيو، شيخ ڀرڪيو گونمينٽ ھاءِ  اسڪول جي بلڊنگ ھئڻ باوجود تعليمي سرگرميون شروع نه ٿي سگهيون آهن.

فاران شوگر مل موڙ وٽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي بلڊنگ کي تعمير ٿئي 10.12سال جو عرصو مڪمل ٿي چڪو آھي ان باوجود ھاءِ  اسڪول ۾ تعليمي سرگرميون  شروع نه ٿيڻ ڪري شاگرد وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سخت پريشان آهن..

سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد علي گوهر ٿهيم اسڪول کي کولرائڻ لاءِ سنڌ هاءِ  ڪورٽ حيدرآباد ۾ پٽيشن داخل ڪرائي هئي پر عدالتي حڪمن کي نظر انداز ڪندي تعليم کاتي ٽنڊومحمدخان جي انتظاميا اڃان تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو.

تعليمي سرگرميون شروع نه ٿيڻ سبب هاءِ اسڪول جي عمارت گندگي جي ڍير ۾ تبديل ٿي وئي آهي، ان حوالي سان سڄاڻ ڌرين تعليم کاتي جي وزير کان مطالبو  ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي  اسڪول ۾ تعليم سرگرميون شروع ڪرايون وڃن..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.