نوابشاهه: رامي سٽي جي رھواسڻ پاران مڙس جي زيادتين خلاف احتجاج

نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران رامي سٽي جي رھواسڻ مسمات حاجران پنهنجي ماءُ زينب ۽ پيءُ غلام حسين سان گڏجي پنھنجي مڙس لطيف کوسو جي ظلمن خلاف اهتجاج ڪندي چيو ته سندس مڙس لطيف کوسو هن تي ھر روز تشدد ڪندو ھو جنھن جي تشدد ۽ ظلمن کان بيزار ٿي هو گهران  نڪري پنھنجي ماءُ پيءُ وٽ پهتي آهي ،  هن ٻڌايوته سندس مڙس لطيف هن جي ڏيرن عبدالرزاق، عبدالستار ۽ عبدالحق سميت ڏھه ڄڻن سان گڏجي مٿس حملو ڪري اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس کي بروقت اطلاع ڪرڻ ۽ پوليس جي  فوري پھچڻ تي جوابدار فرار ٿي ويا، ھن ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد ۽ ٻين وس  وارن کان مطالبو ڪيو ته کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.