ڪوٽڙي: ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جي پيراميڊيڪل اسٽاف پاران ايم ايس خلاف احتجاج جاري

ڪوٽڙي جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جي پيراميڊيڪل اسٽاف پاران ايم ايس ڊاڪٽر عبدالحفيظ آرائين خلاف اڄ ڇهين ڏينهن به مظاهرو ڪري احتجاجي ڪيمپ قائم ڪئي وئي، ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال ۾ قائم ڪيل ڪيمپ ۾ موجود پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي اڳواڻن عبدالله سومرو، سجاد حيدر، اشرف جتوئي ۽ ٻين چيو ته ايم ايس ڊاڪٽر حفيظ آرائين پاران ڪيل لکين روپين جي ڪرپشن خلاف لاڳاپيل ادارن ۾  شڪايتون ڪرڻ ۽ شاهديون ڏيڻ تي ايم ايس پاران انتقامي ڪاروايون ڪيون پيون وڃن،

هنن چيو ته ايم ايس خلاف آواز اٿارڻ تي هو ملازمن تي مڇرجي پيو آهي ۽ انتقامي ڪارواين تي لهي پيو آهي تنهن ڪري فوري طور تي کيس هٽائي سندس خلاف شفاف انڪوائري ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.