زيادتي جي جوابدارن کي سزائون ڏيڻ لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي: وفاقي ڪابينا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا جنسي زيادتي جي ڏوهارين کي سخت سزائون ڏيڻ لاءِ قانون سازي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ملڪي سياسي و معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ موٽر وي واقعو به بحث هيٺ آيو.

ذريعن موجب ڪابينا ميمبرن جنسي زيادتي ڏوهارين کي سنگين سزائون ڏيڻ لاءِ قانون سازي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

ميمبرن چيو ته جنسي بگهڙن کي سخت ۽ فوري سزائون ڏيڻ لاءِ قانون سازي ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. ان موقعي تي وزير اعظم عمران خان چيو ته اهڙا ڏوهاري ڪنهن به رعايت جا مستحق ناهن.

وفاقي ڪابينا ٻٽي شهريت وارن کي اليڪشن وڙهڻ جو حق ڏيڻ ۽ سينيٽ اليڪشن ۾ ڳجهي راءِ شماري ختم ڪرڻ لاءِ آئيني ترميمي بل جي به منظوري ڏئي ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.