رتيديري ۾ سيپڪو ملازمن جي بک هڙتال

رتوديرو (ن ع آ ) رتوديرو سيپڪو ملازمن جو احتجاج جاري . جسقم چيئرمين احتجاج ڪندڙ ملازمن سان يڪجهتي طور احتجاج ۾ شامل ٿي ويو . هائيڊرو يونين جي سڏ تي ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري آفيس جي تالا بندي ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو. خبر موجب : سيپڪو رتوديرو جي جبري برطرف ۽ رٽائرڊ ملازمن جي بحالي لاء هائيڊرو يونين پاران ملازمن جو احتجاج جاري رهيو ، ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري آفيسن جي تالا بندي ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري سيپڪو آفيس رتوديرو آڏو ڌرڻو پڻ هڻي ويهي رهيا ، ٻئي طرف احتجاج ڪندڙ ملازمن سان يڪجهتي طور جسقم چيئرمين صنعان قريشي احتجاج واري هنڌ پهتو ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ، سيپڪو ملازمن کي بنا ڪنهن سبب جي جبري برطرف ۽ رٽائر ڪرڻ واري عمل جي جسقم سخت مذمت ڪري ٿي ، هن چيو ته ملازمن کي بي روزگار ڪرڻ انهن جو معاشي قتل ڪرڻ برابر آهي اسان ملازمن سان هر سهڪار ڪندا سين ۽ گهر ٿا ڪيون ته ملازمن کي بحال ڪيو وڃي هوڏانهن احتجاج ڪندڙن عمران علي شاه ، بابر ڀٽو ، محمد اشرف دايو ، اسلم جوڻيجو ، منصور ڀٽو ، سيد غوث علي شاه ، فياض خاصخيلي ، محمد پناه ۽ يوسف سومرو احتجاج دوران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ، ايڪسيئين مشتاق بڙدي پنهنجي پنهنجي ڪرسي جو ناجائز فائدو وٺندي پنهنجي طاقت جو زور غريب ملازمن مٿان استعمال ڪري رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.