سيٺارجا واسي ريل جي سهولت کان محروم، حڪومت ٽن ريلن جا اسٽاپ ختم ڪري ڇڏيا

سيٺارجا (رپورٽ : علي نثار آرائين ) سيٺارجا ۾ مين ريلوي لائن تي قائم ريلوي اسٽيشن سفري سهولتن کان محروم ٿي ويا،  سکر ايڪسپريس، عوامي ايڪسپريس، شاهه رڪن، عالم ايڪسپريس، هزارہا ايڪسپريس، سپر ايڪسپريس ۽ لوڪل ٽرين شٽل سميت 6 کان 7 ٽرينون اپ ۽ ڊائون لاءِ بيهنديون هيون. جن مان ٽن ٽرينن جا اسٽاپ ختم ڪري صرف ٽن ٽرينن عوام ايڪسپريس، سپر ايڪسپريس ۽ سکر ايڪسپريس جا اسٽاپ بحال رکيا ويا، جڏهن ته اڳتي هلي سپر ايڪسپريس کي به ختم ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي صرف ٻه ٽرينون سکر ۽ عوامي ايڪسپريس کي ئي بحال رکيو ويو هيو. جن کي به ڪروناوائرس سبب فيبروري 2020کان بند ڪيو ويو آهي ٽرينن جي مڪمل بند ٿيڻ سبب شهري ۽ علائقي واسي تمام گهڻو پريشان آهن ۽ سيٺارجا شهر کي تمام گهڻو ڪاروباري ڌڪ رسيو آهي، جڏهن ته سيٺارجا ريلوي اسٽيشن خيرپور ضلعي جي ٽن تعلقن صوڀوديرو، ٺري ميرواهه ۽ ڪوٽ ڏجي تعلقي جي شهرن سڳيون، سمي، هنڱورجا، بالا سيٺارجا، ڏيپارجا، ٺري ميرواهه، هنڊياري، سئي گئس، ٽالپر وڏا بوزدار وڏا ۽ نگريجا کي سفري سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، جڏهن ته سيٺارجا ريلوي اسٽيشن تي صرف ٻن ٽرينن جي بيهڻ جي باوجود به اسٽيشن جي روزمرہ جي آمدني 30کان 35هزار ٿئي ٿي ،سچل سرمست ٽريڊ يونين ويلفيئر ايسوسيئيشن جي صدر حاجي سبحان علي ڪٻر، امير طارق حسين ڪٻر، نثار احمد آرائين، ڊاڪٽر جاويد شاهه، ممتاز حسين سهتو، حسين بخش ڪٻر ۽ ٻين ريلوي وزير شيخ رشيد ريلوي ڊي ايس سکر ۽ ٻين وس وارن کان ٽرينن جا اسٽاپ بحال ڪري شهرين ۽ علائقي واسين کي ريل جون سفري سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.