چيلهار ۽ ڀرپاسي تعليم جو ٻڏل ٻيڙو تري نه سگهيو

چيلھار(ن ع آ)ڪورونا کان اڳ چيلھار ۽ ڀرپاسي جا ڪيترائي گورمينٽ جا گرلس/بوائز پرائمري اسڪول مسئلن جي ور چڙھيل ھئا ڪرونا جي ڪري اسڪول بند ٿيڻ سبب مسئلا حل ٿي نه سگھيا ھئا تازو اھي املان ھلي رھيا آھن ته تعليم کاتو جلد کان جلد گورمينٽ جا اسڪول کومي رھيو آھي جيڪڏھن اسڪول کولن ٿا ته اسڪول فائدو ڏيڻ بدران بي فائده ئي رھندا اسڪول جي مسئلن بابت عوامي آواز چيلھار سروي ڪئي ته معلوم ٿيو چيلھار شھر ۽ آس پاس جي ڳوٺن جا ڪيترائي گورمينٽ جا اسڪول مختلف مسئلن جنھن ۾ چارديواري عملي جي کوٽ فرنيچر جي کوٽ بلڊنگ ڪمزور پاڻي جي کوٽ سميت ٻين مسئلن جي ور  چڙھيل آھن ان سان گڏوگڏ شھر توڙي ڀرپاسي جنھن گورمينٽ اسڪولن ۾ ٻارڙن جي وڌيڪ داخلا ھئي انھي اسڪول کي بند ڪري ڇڏيا ھئا باقي جتي ڏھ کان ويھ ٻار به داخل ناھن انھن اسڪولن کي سياسي آشريواد جي ڪري کولي ڇڏيا ھئا تعليم کاتي جي اھڙي ناقص ڪارگردگي ته ڳوٺاڻن شھرين ڪيترائي دفعا تعليم کاتي جي اعلي اختيارين کي مطالبو ڪيو ھو وڌيڪ داخلا رکندڙ قديمي بند ڪيل اسڪول کي جلد کوليا وڃن پر تنھن باوجود تعليم کاتي جي ڪن ته جونء به نه سري تازو اسڪول کولڻ واري امڪان بعد چيلھار جي شھرين توڙي ڳوٺاڻن تعليم کاتي جي اعلي اختيارين کان گھر ڪئي علم انسان جي ٽئين اک آھي جنھن کي صاف سٿرو ڪرڻ لاءِ جلد قدم کڻي اسڪولن جا وڌيل مسئلا حل ڪيا وڃن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.