راڄوخاناڻي رورل هيلٿ سينٽر ۾ سهولتن جي کوٽ، رهواسي پريشان

راڄوخاناڻي ( رپورٽ : امداد علي نظاماڻي) راڄوخاناڻي جي آبادي ھزارين ماڻھن تي مشتمل آهي جڏهن ته 3سئوکان وڌيڪ ڳوٺن جي ھزارين ماڻھن جي آبادي  الڳ آھي، رورل هيلٿ سينٽر راڄوخاناڻي تان ماڻهون صحت جون سهولتون حاصل ڪن ٿا، پر گذريل ھڪ مھيني کان جڏهن کان برساتن جون تباهيون جاري آهي، پر ھن موجوده صورتحال ۾ رورل هيلٿ سينٽر راڄوخاناڻي ۾ هڪ مھيني کان سمورن قسمن جي دوائن جي شديد اڻاٺ ٿئي ويئي آهي، شهر ۽ ٻھڙارين جي عوام کي اسپتال پھچڻ شرط ڪنھن به قسم ڪابه دوائن ڏيڻ بدران کين کتو جواب ڏيو وڃي ٿو،  غريب مسڪين ماڻهن کي مجبورن شھر جي پرائيويٽ نجي اسپتالن جو رخ ڪرڻو پئجي رهيو آهي، ليبارٽري، ايڪسري جون سهولتون به  ناهن، اسپتال۾ ڊاڪٽرن سميت پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي کوٽ پڻ آهي، رات جو ايمرجنسي جي سهولتن ناهي، سياسي سماجي اتحاد، سول سوسائٽي، سنڌي ادبي سنگت، سنڌ ترقي پسند پارٽي، عوامي تحريڪ پ پ اڳواڻ  باغي امداد. مير عاشق ٽالپر اسماعيل قمبراڻي ڪامريڊ ھري رام ڪولهي خاڪي جاني نظاماڻي محمد حسن جعفري سفير نظاماڻي ارسلان قمبراڻي ڪشور ڪمار ڪولهي۽ ٻين چيو ته راڄوخاناڻي رورل هيلٿ سينٽر سان ھزارين ماڻھن جون اميدون وابسته آهن ته کين ھن اسپتال مان رليف فراهم ٿيندو پر اسپتال۾ڪوب رليف ناهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.