نصيرآباد ۾ شهرين جو پارڪ جي بحالي ۽ ڪرپشن خلاف احتجاج

نصيرآباد (ت ر) سجاڳ شھري اتحاد نصيرآباد پاران شھر جي واحد تفريح گاھ شاھ لطيف پبلڪ پارڪ جي بحالي ۽ چئن سالن کان ٽائون ڪميٽي ۾ ٿيل ڪرپشن جي جاچ ڪرائڻ لاءِ نوناري محلي کان  منصور سومرو ،علي گل ڪانڌڙو ،رفيع لغاري ،سخاوت رضوي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي  ٽائون ڪميٽي اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي   اڳواڻن دانهيندي چيو ته  شھر جي واحد تفريح گاھ شاھ لطيف پبلڪ پارڪ کي ٺاھڻ بجاءِ اجاڙيو ويو آهي،  اڳواڻن وڌيڪ چيو ته شهر ۾ ترقياتي ڪم ناهن ٿيا، ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، نوٽيس وٺي  شاهه لطيف پبلڪ پارڪ کي اصل حالت ۾ بحال ڪري ڪرپشن جي جاچ ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.