ميرپورخاص ۾ ميگهواڙ برادري جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) مني لانڊرنگ جي الزامن هيٺ گرفتار ٿيل جوابدار هريش ڪمار ڪڙيلا ميگھواڙ جي گھر تي نامعلوم هٿيار بندن پاران ڪاهه ڪري گھر ڌڻين کي تشدد جو نشانو بڻائيندڙ جوابدار جي عدم گرفتاري خلاف ميگھواڙ برادري جي سوين عورتن ۽ مردن پاران ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن هريش جوڳچند، دليپ ڪٽاريا، نند لال، سڪر، هريش ڪمار ٻوچيا ۽ ٻين چيو ته هريش ڪمار ڪڙيلا جي گھر تي نامعلوم هٿياربندن پاران ڪاه ڪري هريش جي پيرسن والد سميت ٻين کي سخت تشدد ڪري زخمي ڪندڙ جوابدار کي پوليس 4 ڏينهن گذرڻ جي باوجود واقعي جو ڪيس ۽ جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگھي آهي هنن چيو ته هڪ سازش تحت اقليت سان تعلق رکندڙن جي گھرن تي حملا ڪري کين حيسايو پيو وڃي جڏهن ته پوليس به اقليتن کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.