ڄام صاحب واسين جو ڊاڪٽر خلاف احتجاج

نوابشاهه(ڊ ر) ڄام صاحب جي ڳوٺ جمعو شر جي رھواسين نصير شر جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران ٻارن جي مشھور ڊاڪٽر صادق سيال خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيون آھي ته منھنجي 8 مھينن جي ڌي ذڪيه کي گيسٽرو سبب ھڪ پرائيويٽ ميڊيڪل سينٽر ۾ داخل ڪرايم جتي ٻن ڏينھن تائين ڌي جي علاج تي ھزارين روپيا خرچ ڪيم ليڪن ڪوبه فائدو نه ٿيو، ھنن الزام ھڻندي چيو ته ڊاڪٽر صادق سيال ڌي کي ڪلينڪ تي چيڪ ڪرڻ کانپوءِ ٻن ڏينهن تائين اسپتال ۾ نه آيو ۽ ٽيليفون تي دوائون ڏيندو رھيو، ھنن چيو ته ڊاڪٽر جي لاپرواهي ۽ غير ذميواري سبب منھنجي ڌي ٺيڪ ٿيڻ بدران ويتر بيمار ٿي وئي جنھن بعد اسان ننڍڙي کي ھن ميڊيڪل سينٽر مان ڪڍي ٻي پرائيويٽ سينٽر تي داخل ڪيو جتي منھنجي ننڍڙي ٺيڪ ٿي وئي، ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر صادق سيال خلاف ڪارروائي ڪري وڌيڪ معصوم ٻارڙن جون حياتيون بچايون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.