خانپور مهر لڳ گڏاڻي اتحاد پاران غريب ٻارن ۾ سامان ورهايو ويو

خانپور مهر ( ن ع آ ) گڏاڻي نوجوان اتحاد جي اڳواڻن گڏاڻي نوجوان اتحاد گھوٽڪي جي اڳواڻ عبدالغفار گڏاڻي ۽ چيف آرگنائيزر عبدالوحيد گڏاڻي پاران خانپورمهر جي ڀرپاسي جي مختلف ڳوٺن ڳوٺ عبدالرحيم گڏاڻي ، ڳوٺ ارشاد احمد، ڳوٺ ناڙي گڏاڻي، ڳوٺ گاجي گڏاڻي، ڳوٺ نظر علي گڏاڻي، علي بخش ،جان محمد، ڳوٺ چنيسر گڏاڻي سميت مختلف ڳوٺن ۾ پهچي 24 غريب ۽ يتيم معصوم ٻارڙن ۾ ڪپڙا ۽ چپل ورهايا ويا، ان موقعي  تعلقي خانڳڙھ جي آرگنائيزر عبدالوحيد گڏاڻي ۽  چيئرمين عبدالغفار گڏاڻي جو چوڻ هو ته اسان پنھنجي گڏاڻي نوجوان پاران چندو ڪري ڪپڙا ۽ چپل خريد ڪري معصوم يتيم ٻارن کي ڏنا آهن، اسان جي ڪوشش آهي ته اسان پنهنجي اتحاد جي پليٽ فارم تان غريب، بي پهچ ۽ يتيم ٻارن جي هر ممڪن مدد ڪيون، اڳتي به اسان پهنجي برادري سميت ٻين پاڙي وارن مسڪينن لاءِ به جلد امداد ڪنداسين،ان موقعي تي عبدالسلام گڏاڻي، اسد علي گڏاڻي، مريد حسين گڏاڻي، آصف علي گڏاڻي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.