ناري تعلقي جو شفا خانو علائقي واسين کي لاڀ ڏئي نه سگهيو

نارو ( رپورٽ: يوسف ملاح ) نارا تعلقي جي قديمي شهر ڦارهياڙو ۾ قائم ڪيل شفا خانو علائقي واسين لاءِ مڪمل بي لاڀ بڻيل آهي، جڏهن ته شفا خاني جي ڪروڙين روپين جي لاڳت سان ٿيار ٿيل بلڊنگ به ڀوت بنگلو بڻجي وئي آهي ۽ شفا خاني ۾ مقرر ڪيل ملازم ويزا تي ويل آهي، جڏهن ته شفا خاني ۾ مقرر ڪيل حڪيم به غائب گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن، رهواسي ڦڪي فوٽي لاءِ به پريشان نظر اچن ٿا، پر لاڳاپيل اختياريون مڪمل خاموش بڻيل آهن، ان سلسلي ۾ علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڦارهياڙو شهر هڪ قديمي شهر آهي، هتان جي شهرين صحتمند رکڻ لاءِ حڪومت شفا خانو ٺهرايو ۽ ملازم توڙي حڪيم به مقرر ڪيا ويا هئا، پر موجوده حڪومت جي نااهلي سبب اهو شفا خانو مڪمل تباھ ٿي ويو آهي، هنن اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي شفا خاني کي ٻيهر کولي عوام کي رليف ڏيئي مقرر ملازمن کي ڊيوٽين جو پابند بڻايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.