حاصل بزنجو جي ياد ۾ تقريب، ڀيٽا پيش

حب(رپورٽ:يار محمد بروهي) نيشنل پارٽي جي اڳواڻ ۽ جمهوريت لاءِ قربانيون ڏيندڙ مير حاصل بزنجو جي تعزيتي ريفرنس ۾ ڪارڪنن ۽ پارٽي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪئي، ان موقعي تي نيشنل پارٽي بلوچستان جي مرڪزي نائب صدر رجب علي رند، حاجي وزير خان رند، ضلعي صدر عبدالغني رند، تعلقي حب جي صدر روشن جتوئي، جنرل سيڪريٽري جان محمد پلال، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري فقير محمد مٺل پنهنجي ڪابينا سان گڏ نيشنل پارٽي بيله، اوٿل،وندر، گڏاڻي ۽ حب جي ڪارڪنن جو ٿورو مڃيندي چيو ته پارٽي ڪارڪن ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا، پارٽي جي ڪاميابي جو دارومدار انهن پارٽي ڪارڪنن تي هوندو آهي، هنن چيو ته اسان کي نيشنل پارٽي جي ڪارڪنن تي فخر آهي، جيڪڏهن ايئن محنت ڪندا رهندا ته اهو ڏينهن پري ناهي هتي غريبن جي حڪومت هوندي ۽ انهن جو ئي راڄ هوندو، هنن چيو ته ميرحاصل بزنجو اسان جي پارٽي جو سرمايو هو، هن هميشه جمهوريت جي ئي ڳالهه ڪئي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.