چوهڙجمالي واسي نادرا آفيس کان محروم

چوھڙجمالي (ن ع آ) شاھبندر تعلقي جي ھيڊ ڪوارٽر شھر چوھڙجمالي ۾ نادرا آفيس نـ ھجڻ سبب رھواسي  پريشاني کي منھن ڏيڻ تي مجبور آهن، شاھبندر تعلقي جي ٻهراڙي وارن علائقن لاڏيون، ڇڇ جهان خان، شاھ يقيق، ڪوڏاريوشريف، شاهبندر، قادرڏنو، گونگاڻي، توڙي  ڀرپاسي جا رهواسي ٽرانسپورٽ گهٽ هجڻ ڪري ٻيڻا   ڪرايا ڀري سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ ٺٽو سجاول ۽ ٻين شهرن جو رخ ڪن ٿا،  جتي وڏي رش هجڻ ڪري سڄو ڏينهن قطار ۾ ڪيترائي ڪلاڪ اُس ۾ بيهڻ تي مجبور آهن، ان حوالي سان رهواسين  شاھد حسيني، . محمد صديق ميمڻ، فاروق آزاد، محمد علي جتوئي، عرفان ميمڻ، مصطفي’ گل عمراڻي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي   چوھڙجمالي ۾ نادرا آفيس قائم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.