لاڙڪاڻي ۾ باقراڻي واسي همراهه جو پٽ کي نوڪري نه ملڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ ڊوڪا ڪلهوڙا جي رهواسي رٽائر مالهي طرفان پٽ کي سن ڪوٽا تحت نوڪري ڏيارڻ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي رٽائر پيرسن مالهي عبدالغني ڪلهوڙو ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته مان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ مالهي طور ڊيوٽي ڪندو هيس، جڏهن ته سروس پوري ٿيڻ کان پوءِ 1991ع تي آءُ نوڪري تان رٽائرمينٽ ورتي هئي. هن چيو ته منهنجي رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ هن وقت گهر جو گذر صفر انتهائي مشڪل ٿي ويو آهي. ۽ اسان سمورا گهرڀاتي فاڪاڪشي جو شڪار ٿي ويا آهيون، اهڙي صورتحال کان پوءِ مان شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر سميت ٻين عملدارن ڏانهن ويس پر مونکي انهن سان ملڻ نه ڏنو ويو. هن چيو ته مان سنڌ حڪومت، صحت کاتي جي صوبائي وزير سميت شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ٿو ڪريان ته خدارا معاملي جو نوٽيس وٺي منهنجي نوجوان پٽ غلام رسول ڪلهوڙو کي سن ڪوٽا تحت نوڪري ڏئي روزگار سان لڳايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.