نوابشاهه ۾ پيرسن جوڙي جو ننهن خلاف احتجاج

نوابشاهه(ڊ ر) نوابشاهه جي علائقي موھني بازار جي رھائشي پيرسن غلام محمد پنھنجي زال مسمات سڪينه ۽ پٽ منظور ٻگھيو سان گڏ نوابشاهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي دانھيون آھي ته گذريل ڏينهن اسان جي بيواهه ننھن عرفانہ ٻگھيو منھنجي ۽ منھنجي پٽن خلاف ھڪ ڪوڙ تي ٻڌل پريس ڪانفرنس ڪئي جيڪو سراسر ڪوڙ آھي، ھن چيو ته اسان نه نه جڳھه تي قبضو ڪيو آھي نه ئي وري دوڪانن تي قبضو ڪيو آھي، ھن چيو ته رات جي وقت اٺن جوابدارن عرفان، فرمان، مدثر، عرفانہ ۽ ٻيا نامعلوم منھنجي گھر ۾ گھڙي اسان کي ڏنڊن ۽ لوھي راڊ سان سخت تشدد ڪيو جنھن ۾ 60 ورھين جو پيرسن منظور ٻگھيو ۽ عظيم ٻگهيو زخمي ٿي پيا، ھن پنھنجي جسم تي تشدد جا نشان ڏيکاريندي چيو ته ظالمن مونسان ظلم ڪيو آهي، ھن چيو ته پوليس وٽ اسان شڪايت کڻي وياسين ليڪن پوليس اسان جي ھڪ به نه ٻڌي اسان کي جوابدارن مان جان جو خطرو آهي، ھن مطالبو ڪيو ته اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ جوابدارن کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.