حيدرآباد اسپتال جي هائوس جاب ڊاڪٽرن کي پگهارون نه مليون

حيدرآباد(رپورٽر) سول اسپتال حيدرآباد-ڄامشورو جي 300 کان وڌيڪ هائوس جاب ڊاڪٽرن کي گذريل ٻن مهينن کان پگهارون ناهن مليون، اسپتال انتظاميا هائوس جاب ڪندڙ ڊاڪٽرن جي پگهارن لاءِ ڪي به قدم نه کنيا، ڊاڪٽرن طرفان پگهارون نه ملڻ خلاف سول اسپتال حيدرآباد جي ايم ايس آفيس سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اي ايم ايس جون هائوس جاب ڊاڪٽرن سان ڳالهيون، ٽن ڏينھن اندر پگهارون ڏيارڻ جي يقين دياني ڪرائي ڇڏي، ڊاڪٽرن ٽن ڏينهن اندر پگهارون نه ملڻ جي صورت ۾ وارڊن جي بائيڪاٽ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي. مظاهري دوران ڊاڪٽر سجاد لغاري، ڊاڪٽر سعد، عبيد راڄڙ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سول اسپتال جي 300 کان وڌيڪ هائوس جاب ڊاڪٽرن کي گذريل ٻن مهينن کان پگهار ناهي ڏني وئي، جنهن سبب هو مالي پريشاني جو شڪار ٿي ويا آهن. هنن چيو ته ڪرونا جي مشڪل صورتحال ۾ به هائوس جاب ڊاڪٽرن پنهنجي سينيئر ڊاڪٽرن جي رهنمائي ۾ پنهنجا فرض سرانجام ڏنا، جولاءِ 2020ع ۾ ڪرونا جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت طرفان رسڪ الائونس ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، هائوس جاب ڊاڪٽرن لاءِ ماهوار 10 هزار ڪرونا رسڪ الائونس مقرر ڪيو ويو هو، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سول اسپتال جا هائوس جاب ڪندڙ ڊاڪٽر ڪرونا ۾ به پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيا هئا ۽ اڃا تائين به فرض نڀائي رهيا آهن، پر کين نه رسڪ الائونس ڏنو ويو آهي ۽ نه ئي گذريل ٻن مهينن کان پگهار ڏني وئي آهي. ٻئي طرف ڊاڪٽرن جي احتجاج دوران اي ايم ايس هائوس جاب ڊاڪٽرن سان ڳالهيون، جنهن هائوس جاب ڊاڪٽرن کي ٽن ڏينهن اندر پگهارون ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن کانپوءِ ڊاڪٽرن احتجاج ختم ڪيو، ڊاڪٽرن اي ايم ايس طرفان ڪرايل خاطري باوجود ٽن ڏينهن اندر پگهارون نه ملڻ جي صورت ۾ وارڊن جي ڊيوٽين جي بائيڪاٽ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.