نوشهري ۾ نوجوان جو ٻارن سميت ڀائرن خلاف احتجاج

نوشهروفيروز(ڊ ر) درياخان مري واسي اقليتي برادري سان تعلق رکندڙ منوج ڪمار پنهنجي امڙ ڪيلا، معصوم ٻارڙن ۽ گهرڀاتين سان گڏ پريس  ڪلب نوشهروفيروز اڳيان پنهنجن سڳن ڀائرن ٻيجارام ۽ پرتاب جي ظلمن خلاف احتجاج ڪرڻ بعد صحافين کي ٻڌايو ته منهنجا ٻنهي ڀائرن ڏانهن 10 لک رپيا آهن  جيڪي گهرڻ تان هاڻي هو زبردستي گهر تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا ۽ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته منهنجي ڀائرن کي درياخان مري ٽائون ڪاميٽي جي اڳوڻي چيئرمين رضوان راجپوت، اڳوڻو ضلع ڪائونسل ميمبر اميد علي راڄپر، راجو وڳڻ، سڪندر وڳڻ جي سرپرستي حاصل آهي ۽ هو موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جنهن جي ڪري معصوم ٻارڙن سميت دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهيون. ڄاڻايل جوابدار اسان ڀائرن کي پاڻ ۾ ويڙهائي خونريزي ڪرائڻ چاهين ٿا. هن چيو ته اسان جوابدارن خلاف پڊعيدن ۽ درياخان مري ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آهي پر پوليس بااثر جوابدارن جي ونگارو بڻيل آهي ۽ ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪري. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته گهر تي قبضو ڪندڙ ۽ ڀائرن جي پٺڀرائي ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.