اسٽيل مل جا هزارين ملازم پگهارون نه ملڻ سبب بک ۽ بدحالي جو شڪار

ملير (ڊ.ر) پاڪستان اسٽيل مل جا هزارين ملازم پگهارون نه ملڻ سبب بک ۽ بدحالي جو شڪار، مل جي نئين آيل انتظاميا ڪوبه ٻوٽو نه ٻاريو، ملازمن جي پگهار وفاقي حڪومت پاران اي سي سي جي منظوري بعد ڏني ويندي آهي، گذريل ٽن مهينن کان پگهار ملي نه سگهي آهي، جڏهن ته گذريل عيد کان اڳ وزيراعظم پاڪستان عيد کان اڳ ۾ سمورن وفاقي ادارن جي ملازمن لاءِ پگهارون جاري ڪيون پر پاڪستان اسٽيل مل جي ملازمن کي نه ته عيد تي پگهار ڏني وئي ۽ نه ئي وري محرم مهيني ۾ پگهار نه ڏني، گذريل اي سي سي جي ميٽنگ ۾ پاڪستان اسٽيل مل جي 9 هزار کان وڌيڪ ملازمن جي پگهارون بابت ڪوبه گڏجاڻي ۾ ذڪر نه ڪيو ويو جڏهن ته قومي صنعتي اداري جي نجڪاري بابت وفاقي وزير نجڪاري ميان محمد سومرو جي صدارت ٿيل گڏجاڻي ۾ اسٽيل مل کي خانگائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، جڏهن ته پاڪستان اسٽيل مل جي نئين آيل انتظاميا گذريل هفتي اسٽيل مل جي سمورن رجسٽرڊ يونينن کي سي اي او آفيس ۾ گڏ ڪيو ويو جتي نئين سي اي او برگيڊيئر شجاع حسين مختلف ٽريڊ يونين اڳواڻن کي خطاب ڪندي چيائين ته آءُ جنهن اسائمينٽ تي آيو آهيان ان سان اسٽيل مل جي هلائڻ يا نه هلائڻ جو تعلق نه آهي، اسٽيل مل کي هلائڻ وفاقي حڪومت جو ڪم آهي آئون ڪنهن به ملازم کي بيروزگار نه ڪندس سندن قانوني حقن جو تحفظ ڪندس جيڪڏهن ڪنهن به ملازم سان زيادتي ٿي يا سندس پگهار رڪي ته پوءِ پهرين استيفيٰ منهنجي هوندي، هوڏانهن اڳوڻي سي بي اي پاڪستان اسٽيل پيپلز ورڪرز يونين جي چيئرمين شمشاد قريشي عوامي آواز کي ٻڌايو ته موجوده عمران نيازي سرڪار اسٽيل مل جي نجڪاري ته پري جي ڳالهه آهي پر هن قومي صنعتي اداري جي هڪ انچ به زمين وڪرو ڪري نٿي سگهي، اسين پورهيتن سان گڏ آهيون ۽ پورهيتن جي قانوني حقن لاءِ ماضي حال ۽ مستقبل ۾ جدوجهد تي ئي يقين رکون ٿا، هي ادارو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ملڪ لاءِ قومي تحفو ۽ اثاثو آهي، جنهنجي تحفظ لاءِ هر محاذ تي وڙهڻ لاءِ تيار آهيون. اداري جي نجڪاري ڪندڙ ماضي جون حڪومتون نه رهيون آهن ۽ نيازي جا به تُرت ئي عوام جي طاقت سان منتقي انجام ڏانهن پهچائڻو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.