صالح پٽ ۾ وونئڻ تي مرض جو حملو، فصل تباهه، آبادگار پريشان

سکر (رپورٽ:اظهر علي دايو ) صالح پٽ ۾ ووئڻن جي تيار فصل کي اڇي مک سميت مختلف بيماريون وڪوڙي ويون, في ايڪڙ پيداوار 5 کان 8 مڻ اچڻ تي آبادگارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا, زراعت کاتي وارن جي ملي ڀڳت سبب غير معياري ٻج ۽ نقلي دوائون وڪرو ٿيون جنهن سبب فصل تباه ٿي ويا آهن (آبادگار) خبر موجب صالح پٽ ۾ ووئڻن جي تيار ٿيل فصل ۾ اڇي مک سميت مختلف بيماريون پيدا ٿيڻ کانپوء وونئڻ تباهه ٿي ويا آهن ان بابت آبادگارن علي گل ڀنڀرو, غلام اڪبر شيخ, مير محمد ابوپوٽو, رحيم بخش مهر, بگن شنباڻي ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانهون ڪندي چيو ته زراعت کاتي سکر جي عملدارن جي ملي ڀڳت سان غير معياري ٻج ۽ دوائن جي وڪرو ٿيڻ سبب ووئڻن جو فصل تباهه ٿي ويو آهي, سرمائيدارن اسانکي ٻيڻن ريٽن تي ٻج ۽ دوائون ڏنيون جن مان فائدو ملڻ بجاء ويتر نقصان رسيو آهي ۽ هن وقت اڇي مک سميت مختلف بيمارين ووئڻن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي جنهنڪري هن وقت في ايڪڙ مان 5 کان 8 مڻ ڦٽي اچي رهي آهي جنهن سان فصل تي کنيل قرض به پورا نه ٿيندا هنن جو چوڻ هو ته عدالتي سطح تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي زراعت جي تباهي جي انڪوائري ڪرائي وڃي ۽ سرڪاري توڙي سرمائيداري سطح تي ٻه نمبري ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن اڳتي جي لاء زراعت بهتر ٿي سگهي هنن حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته فصلن جي تباهه حالي کي ڏسندي سرڪاري سطح تي آبادگارن کي رليف ڏنو وڃي ته جيئن بک ۽ بدحالي کان بچي سگهئون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.