ڪراچي جي ٻهراڙين جي حالت خراب آهي: ڪريم بخش گبول

گلشن اقبال (ن ع آ) پي ايس 100 جي چونڊيل پي ٽي آءِ ايم پي ڪريم بخش گبول چيو آهي ته ڪراچي جي ٻهراڙين جي حالت تمام خراب آهي وزيراعظم عمران خان پاران 11 سئو ارب جي ڏنل ترقياتي رقم مان ڳوٺن جي نيڪال ۽ روڊن جون اسڪيمون جوڙينداسين سچل ڳوٺ ۾ غريبن لاءِ سستو کاڌو فراهم ڪندڙ حسن پڪوان اينڊ برياني سينٽر جي افتتاح کانپوءِ ڪريم بخش گبول چيو ته پ پ سرڪار جي 12 سالن جي ڪارڪردگي ٻڙي جي برابر  آهي ڪراچي سميت سڄي سنڌ بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهي پي ٽي آئي جي مرڪزي حڪومت کي سنڌ جي عوام جو مڪمل احساس آهي لاڪ ڊائون جي ڏکئي وقت وفاقي سرڪار سنڌ لکين غريب ماڻهن جي احساس پروگرام تحت مدد ڪئي ۽ هاڻ سنڌ جي انفرا اسٽرڪچر کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪرادار ادا ڪيو پيو وڃي جن چيو ته سچل ڳوٺ منهنجي تڪ جو خاص علائقو آهي جتي پارٽي ڪارڪن ۽ همدرد وڏي انگ ۾ رهن ٿا سچل ڳوٺ سميت سڀني آبادين جا بنيادي مسئلن تي هوم ورڪ ڪري ڇڏيو آهي عوام کي سهولتون ڏيڻ اسان جو فرض جيڪو هر صورت ۾ پورو ڪنداسين سال ٻن ۾ ڪراچي جو نقشو شاندار نظر ايندو هن چيو ته حسن پڪوان سينٽر پاران مهانگائي جي دور ۾ غرين کي سستو کاڌو فراهم ڪرڻ هڪ بهتر  قدم آهي جنهن کي ساراهجي ٿو ان موقعي تي شفقت نوناري،طارق شر،جعفر لاکو،منظور گوپانگ،اعجاز ٿهيم ۽ ٻيا پڻ گڏ هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.