پيرڳوٺ لڳ ناري کي کنڀڻ جي ڪوشش، تشدد

پيرڳوٺ ( ن ع آ ) ڪوٽڏيجي جي سرڪاري اسپتال جي پاڙي واسڻ 18 ورهين جي لاريب زال شمن علي عرف شمون شيخ پريس  ڪلب پيرجوڳوٺ پھچي انڪشاف ڪيو آھي ته ڪالھه منهنجي مڙس شمن ۽ ننڍو شيخ هٿياربند ساڻ ڪري ڪوٽ دينل شاھ پاڙي مان مون کي اغوا ڪرڻ لاءِ گهليو ۽ ٻاھر کڻڻ جي ڪوشش ڪئي رڙين تي منهنجو چاچو جانب شيخ ۽ ٻيا پاڙيوارا پھتا جن منهنجي جان بچائي ۽ هٿياربند ڌمڪيون ڏيندا فرار ٿي ويا، جنهن جو اطلاع پيرجوڳوٺ ٿاڻي تي ڏنو آھي، هن اھو به ٻڌايو ته 5 مھينا اڳ منهنجي شادي ڪوٽڏيجي واسي شمن عرف شمون شيخ سان ٿي هئي، منهنجو مڙس ۽ منهنجي سس بگا شيخ مون کان بدپيشوڪرائيندا هئا،. انڪار ڪرڻ تي ڪمري ۾ بند ڪري تشدد ڪندا هئا تشدد سبب منهنجو حمل پڻ ضايع ٿي ويو، وجھه وٺي پنهنجي مائٽن وٽ پھتس ۽ مڙس کان طلاق وٺڻ لاءِ خيرپور جي عدالت ۾ درخواست پڻ داخل ڪئي آھي، جنهن بعد منهنجو مڙس پنهنجي ساٿين سان گڏجي مون کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ هو ناڪام ٿي ويا، هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان گھر ڪئي آھي ته مون کي اغوا ڪندڙ ڄاڻايل جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري مون کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.