سيوهڻ لڳ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ زخمي، متاثرن جو احتجاج

سيوهڻ ( ن ع آ ) سيوهڻ ڀرسان يوسي ٽلٽي ۾ هوٽل تي سھتا برادري جي ٻن ڌرين وچ جھيڙو ٿي پيو جنهن ۾ لٺيون لڳڻ سبب ھڪ ڌر جو   غلام شبير سھتو زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳوٺاڻن سيوهڻ ۾ سيد عبدالله شاھ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس ۾ پھچايو جتي زخمي کي طبي امداد مهيا ڪئي وئي جنهن بعد متاثر ڌر پاران واقعي خلاف ظفر سھتو, اقبال ۽ شھاب الدين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب سيوھڻ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي صحافين آڏو دانهيندي متاثر ڌر چيو تہ جوابدار مير هزار، شھمير، طارق، امير سھتو پاران بااثر ماڻهن جي زور تي اسان سان ناحق جھيڙو ڪري رهيا آهن . جن سال اڳ اسان جي همراه کي ڳولي هڻي زخمي ڪيو هو هڪ دفعو ٻيھر لٺيون ڪھاڙيون ساڻ ڪري اسان جي همراه کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا آهن اسين غريب مسڪين ماڻهون آهيون اسان جي ڪا به دشمني ناهي هرو ڀرو بيواجبي ڪري اسان سان وڙهن ٿا. ھنن ڊي آء جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو آهي ته بااثرن جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان کي تحفظ ۽ڀانصاف فراھم  ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.