ٺل ڀرسان واهه مان تازي ڄاول ٻار جو لاش هٿ

ٺل (ن ع آ ) ٺل جي سون واهه شاخ ۾ تازي ڄاول ٻارڙي جو لاش هٿ،پوليس کي اطلاع،ٿاڻي بعد اسپتال لاش منتقل، ميونسپل  عملي دفنائي ڇڏيو،خبر موجب ٺل جي سون واهه شاخ مان مڇي مارڪيٽ وٽان تازي ڄاول ٻارڙي جو لاش شهرين پاران ڏسي ڪري سون واهه مان ڪڍيو،جنهن بعد شهرين سماجي اڳواڻ نذير احمد ٻرڙو پاران لاش کڻي ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي تي آندو،لاش ٺل جي تعلقي اسپتال ۾ رکيو ويو،جنهن بعد تازي ڄاول ٻارڙي جي لاش کي ٺل ميونسپل ڪاميٽي جي عملي دفنائي ڇڏيو،سماجي اڳواڻ نذير احمد ٻرڙي ٻڌايو ته سون واهه شاخ ۾ مڇي مارڪيٽ ۾ تازو ڄاول ٻار جو لاش لڙهي رهيو هو،جنهن کي شاخ مان ڪڍي ٿاڻي تي آڻڻ بعد اسپتال ۾ رکيو،جتان ميونسپل عملي کي دفنائڻ لاءِ ڏنو ويو.،ٺل پوليس موجب شهري ٻارڙي جو لاش کڻي آيا،لاش سول اسپتال جي عملي حوالي ڪيو،. جنهن بعد لاش کي دفنايو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.