شادي پلي جا ڳوٺ برساتي پاڻي ۾ ٻڏل، رستا بند، احتجاج

شادي پلي (رپورٽ: علي نواز هنڱورو) شادي پلي ٽائون ڪميٽي ۽  سميت يوسي ٻريجي ۽ يوسي حاجي پيرشاھ جا ڪيترائي ڳوٺ جنھن ۾ ويھومل ڪولھي ـ جلال الدين آرائين ـ نيڪ محمد آرائين ـ امام بخش نھڙي  سميت ٻيا ڪيترائي ڳوٺ مڪمل طور برسات جي پاڻي ۾ گھيريل آھن، ڳوٺن ۾ ڪيترائي فوٽ برسات جو پاڻي ھئڻ سبب ڳوٺن جو شادي پلي سميت ٻين شھرن سان زميني رابطو ڪٽيل آھي،  جنھن ڪري علائقي واسي سخت مشڪلات کي منھن ڏيڻ تي مجبور آھن، ان حوالي سان   شھرين توڙي ڳوٺاڻن امداد بلوچ ـ لکو نھڙي ـ لڇمڻ ڪولھي ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته   ٽي ھفتا گذري وڃڻ باوجود انتظاميا علائقن مان پاڻي نيڪال نه ڪرايو آهي،  پاڻي بيهڻ ڪري ڪچا گهر ڊهي  پٽ ٿي ويا آهن، پر ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، رستا بند هجڻ ڪري بي يارو مددگار ويٺل آهيون، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته  نوٽيس وٺي ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ڪرائي واهر ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.