ڪلوئي جي 6 ڳوٺن ۾ پيئڻ جو پاڻي بند، رهواسي پريشان

شادي لارج (ن ع آ)  تعلقي ڪلوئي جي ڳوٺ ڪيٽي ميرمحمد لنڊ ،ڳوٺ حاجي ٻڍو جوڻيجو ،ڳوٺ غلام محمد کوسو، محبت خان کوسو  سميت ڇهن ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو سپلائي بند واٽر سپلائي جو موٽر گذريل 15 ڏينهن کان خراب انجنيئر پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ ٿرپارڪر   کي شڪايت ڏيڻ باوجود مسئلو حل نه ٿي سگهيو ڳوٺاڻن محمد اعظم لنڊ، اقبال، مختيار علي، گل حسن کوسو، اڪرم کوسو سليمان جوڻيجو، امجد علي جوڻيجو ۽ ٻين ڊي سي ٿر پارڪر، سيشن جج ٿرپارڪر چيف انجئير پبلڪ هيلٿ حيدرآباد کي اپيل ڪئي آهي ته نوٽيس وٺي انجنيئر پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ ٿرپارڪر   خلاف سخت ڪارروائي ڪري واٽر سپلائي ۾ موٽر لڳائي ڳوٺاڻن جي پيئڻ جو پاڻي بحال ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.