اوٻاوڙي ۾ محتاجن جي مدد ڪرڻ جو وچن

اوٻاوڙو (ن ع آ ) اوٻاوڙو عوامي خدمت لاء عوامي خلق خدمت فاونڊيشن جوڙي وئي جنھن جو اڄ  پھريون اجلاس لالا اياز علي ملڪ جي صدارت ھيٺ منعقد ڪيو ويو جنھن ۾ تنظيمي باڊي جي چونڊ اتفاق راء سان ڪئـي وئي ان دوران منشور بـپيش ڪري منظوري ڏني وئي تنظيم جو مقصد يتيم ٻارن مسڪين غريب ۽ بي پھچ ماڻھن جي مدد ڪرڻ آھي علائقي جي اسڪولن ۾ مختلف پروگرام منعقد ڪرڻ شاگردن کي دنياوي توڙي ديني تعليم طرف راغب ڪرڻ آھي نوجوانن وچ۾ سماجي رابطا قائم ڪرڻ شامل آھن.  اجلاس ۾ موجود ممبرن گڏيل طور تي ھيٺين عھديدارن کي چونڊيو ويو جنھن ۾سرپرست اعلي سماجي ۽ مزدور اڳواڻ محمد صادق لغاري صدر لالا اياز علي ملڪ سينير ناءـب صدر عبدالله بخش راڄڙي نائب صدر زوھيب حسن دويو نائب صدر عبدالشڪور ٿھيم جنرل سيڪريٽري اظھر علي پنھور جوائنٽ سيڪريٽري علي حسن چاچڙ ڊپٽي۔  جوائنٽ سيڪريٽري انفارميشن سيڪريٽري شاھزمان سمون فنانس سيڪريٽري عبدالصمد ڏھر آفيس سيڪريٽري سمير حسين لاڙڪ ۽ پريس سيڪريٽري نعمان علي ڪولاچي کي چونڊيو ويو چونڊيل باڊي جي عھديدارن پريس بيان جارد ڪندي چيو آھي تـ اسان جو ھر قدم علائـقي جي غريب ۽ مسڪينن جي مدد ڪرڻ ھوندو۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.