ميرپورخاص ۾ ڪمشنر جو اجلاس، پاڻي نيڪال ڪرڻ جون هدايتون

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ڊويزنل ڪمشنر عبدالوحيد شيخ ڳوٺن، ٻنين ۽ شهرن مان  برساتي پاڻي جي نيڪالي ۽ ماڻهن کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي جي فراهمي کي  يقيني بنائڻ  جي سلسلي ۾ پنهنجي آفيس ۾  گڏ جاڻي جي صدارت ڪئي. انهي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص زاهد حسين ميمڻ،  چيف انجينئر ايريگيش ڊولپمينٽ  ظريف کهيڙو، ڊائريڪٽر نارا ڪئنال منصور ميمڻ، ايڊيشنل ڪمشنر سيد عطا الله شاهه، ايڪسيئن ٿر ڪينال غلام محمد ، ايڪسيئن مٺڙائو ڪينال انور سيال، ايڪسيئن ايل بي او ڊي گڻيش ڪمار  ۽ ٻيا واسطيدر عملدار موجود هئا ڪمشنر ميرپورخاص عوام کي پيئڻ جي پاڻي فراهمي ۽ برساتن جي پاڻي جي نيڪالي کي يقيني بنائڻ جون هدايتون ڏنيون.

برسات مٽياري ۾ وڏي تباهي آندي آهي: سيد نديم شاهه

اوڏيرولال (ن ع آ) سنڌ آبادگار بورڊ جي ميمبر سيد نديم شاهه پريس ڪلب اوڏيرولال اسٽيشن جي صحافين  سان ڳالهائيندي  چيو آهي ته برسات سڄي سنڌ جيان مٽياري ضلعي ۾ وڏي تباهي آندي آهي، جنهن سبب ڪروڙين رپين جو فصل تباهه ٿي ويو آهي، جنهن ۾ وونئڻ،  ڀاڄيون، بصر، ڪيلو، ڪمند ۽ انبن جي باغن سميت غريب ماڻهن جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، پر هن مهل تائين سنڌ حڪومت عوام کي اڃان تائين ڪوبه رليف نه ڏئي سگهي آهي ۽ رليف ڏيڻ ۾ بلڪل ناڪام وئي آهي. هن چيو ته وفاق کي گهرجي ته آبادگارن لاءِ زرعي بينڪن جا قرض، ڍل ۽ آبيانو معاف ڪري هنگامي بنيادن تي بنا وياج جي نوان قرض ڏئي آبادگارن کي رليف ڏنو وڃي. سنڌ آبادگار بورڊ جي ميمبر سيد نديم شاهه وڌيڪ چيو ته مٽياري ضلعي جي ٽنهي تعلقن جي سمورين يونين ڪائونسلن جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن ۽ مالوندن جا سون جي تعداد ۾ جانور پڻ مري ويا آهن. هن چيو ته برسات جو گندو پاڻي بيهڻ سبب مڇرن جو آزار پڻ وڌي ويو آهي جنهن سبب معصوم ٻارڙا، عورتون ۽ نوجوان مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن . هن وڌيڪ چيو ته ضلعي مٽياري ۾ زراعت کي ڪاپاري نقصان پهتو آهي ۽ 90 سيڪڙو زراعت متاثر ٿي آهي. هن چيو ته آبادگارن کي هنگامي بنيادين تي 10 کان 15 لک قرض ڏنو وڃي ۽ جن جا گهر ڊهي پٽ ٿي پئجي ويا آهن، تن لاءِ  5 لک ۽ جيڪي ماڻهو فوت ٿيا آهن انهن جي وارثن کي به 5 لک ڏنا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته تازو ڪجهه ڏينهن اڳ صدر پاڪستان  ۽ گورنر سنڌ سان آباگار بورڊ جي ميمبرن ملاقات ڪئي، جن خاطري ڪرائي ته زراعت کي مضبوط بڻائڻ لاءِ آباگارن کي جلد رليف ڏيڻ جو اعلان ڪنداسين. هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ مٽياري ضلع جي انتظاميه جي خاموشي تي اچرج ٿي رهيو آهي. هن سنڌ حڪومت ۽ ڊي سي مٽياري کان مطالبو ڪيو ته ضلعي مٽياري لاءِ  فوري طور تي امدادي پيڪيج جو اعلان ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.