باڊهه ۾ بيمار صحافي جي مالي مدد لاءِ احتجاج

باڊھ (ن ع آ ) رتو ديرو جي سينيئر صحافي عبدالجبار نوناري جو سرڪاري خرچ تي علاج  ڪرائڻ ۽ سندس معصوم ٻچڙن جي مالي سهائتا لاء باڊھ پريس ڪلب جي صدر زيب علي سايو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي, جنهن ۾ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صحافين زيب علي ساريو, نظام الدين ڪولاچي, جميل اشرف چانڊيو,  علي رضا نوناري, علي انور عسڪري, نبي رضا بلوچ, مدني سومرو, مظهر نوشاد, فقير فياض ڪانڌڙو, طاهر نور هيسباڻي ۽ ٻين چيو ته شگر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا سينيئر صحافي عبدالجبار نوناري ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ زير علاج  آهي. جتي سندس حالت انتهائي خراب آهي. غربت سبب هو علاج ڪرائڻ کان قاصر آهي, شگر وڌي سبب پيرن تي زخم ٿي ويا آهن ۽ سندس بڪيون به سخت متاثر ٿي ويون آهن, جنهن ڪري هو گهمڻ ڦرڻ کان لاچار آهي ۽ غربت سبب سندس ٻچڙا فاقاڪشي جو شڪار آهن. هنن وڌيڪ چيو ته لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال  ۾ زير علاج هئڻ دوۡران ڊي سي لاڙڪاڻو سندس مفت علاج توڙي معصوم ٻچڙن جي مالي سهائتا جو اعلان پڻ ڪيو هو پر افسوس ته ان تي اڃان تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي. هنن سنڌ حڪومت ۽ وس وارن کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته بيماري جي بستري تي پيل صحافي عبدالجبار نوناري جي سرڪاري خرچ تي بهتر نموني علاج ڪرائي وڃي ۽ سندس ڪٽنب جي مالي سهائتا ڪري بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي.

ڪوٽ غلام محمد ۾ برسات متاثرن ۾ امدادي سامان تقسيم

ڪوٽ غلام محمد (ن ع آ) دعوت اسلامي ويلفيئر  ٽرسٽ پاران امدادي سامان ڏيڻ واري ٻئي  مرحلي ۾ ڪوٽ غلام محمد تعلقي جي ڳوٺ ڪاڇيلو فارم ۾ ٻوڏ متاثر ن ۾ پڪل کاڌو،  راشن، منرل واٽر ۽   مڇردانيون پڻ تقسيم ڪيون ويون، ان موقعي تي دعوت اسلامي ڪوٽ غلام محمد جي نگران محمد جنيد عطاري، ڊويزن نگران محمد شھريار عطاري، ٽرسٽ اڳواڻ محمد حمزا عطاري، شاھد عطاري ،عبيد عطاري ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته  دعوت اسلامي ھر مشڪل وقت ۾ ماڻهن جي مدد ڪئي آهي. هنن وڌيڪ چيو ته  متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي، مشڪل وقت ۾ کين اڪيلو نه ڇڏينداسين.

سانگهڙ ۾ پي ٽي آءِ طرفان برسات متاثرن ۾ راشن تقسيم

سانگھڙ (ڊ ر)ضلعي سانگھڙ جي سيلاب متاثرين ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف پاران  ھڪ ھزار راشن جا ٿيلا ۽ مڇر دانيون ورھايون  ويون ضلعي سانگھڙ جي مختلف علائقن ڪنڊياري ۽ پيرو مل ۾ سيلاب متاثرين ۾ اھو سامان ورھايو ويو  ان موقعي تي پي ٽي آئي اڳواڻ مشتاق جوڻيجو چيو ته اسان بلا تفريق سيلاب متاثرين کي راشن بيگ ڏنا آھن ڀلي انھن جو ڪنھن به پارٽي سان تعلق ھجي. اسان ان وقت تائين متاثرين جي مدد جاري رکندا سين  جيستائين اھي پنھجن گھرن ۾ واپس بحال نه ٿا ٿين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.