موري لڳ ڳوٺ برساتي پاڻي هيٺ، گهر ڊهي پٽ، فصل تباهه، احتجاج

منھڙو )ن ع آ) منھڙو ڀرسان تعلقا مورو جي يوسي ڪھڪاٽ ۽ ديھ آباد ڪھڪاٽ جي مختلف ڳوٺن جن ۾ ڳوٺ عبدالحق ڏاھري, فريد ڏاھري, عبدالمجيد ڏاھري, محمد بخش ڏاھري, ڪريم ڏنو ڏاھري ۽ ٻيا ڳوٺ  برسات جي گندي پاڻي جي مڪمل لپيٽ ۾ آھن برسات جو گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ واھر نه ٿيڻ خلاف رھواسين جو عبدالحق ڏاھري ياسين ڏاھري لونگ خان ڏاھري در محمد ڏاھري ياسين ڏاھري منصور قادر ڏاھري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي نوشھروفيروز انتظاميه خلاف مورو ٻانڌي روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي مظاھرين ميڊيا اڳيان داھيندي چيو ته ڪجھ ڏينھن اڳ طوفاني برسات جو وسڪارو ٿيو ھو جنھن سبب برسات جو گندو پاڻي اڃان تائين اسان جي ڳوٺن ۾ بيٺل آھي ۽ ڪيترائي ڪچا توڙي ڪکاوان گھر پڻ ڊھي پٽ ٿي ويا آھن برسات جي گندي پاڻي جي بيھڻ سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آھي.  جنھن سبب اسان راتيون جاڳڻ تي مجبور ٿي ويا آھيون زھريلن مڇرن جي چڪ پائڻ سان مختلف موذي مرضن منھن ڪڍيو آھي جڏهن ته چوپايو مال پڻ مري رهيو آهي مگر گهرن مان پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاء ضلعي نوشهروفيروز انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن ڪو به قدم نه کنيو آهي جڏهن ته پاڻي زرعي زمينن ۾ پڻ ٽي فوٽ بيٺل آهي جنهن سبب اسان جا فصل پڻ مڪمل ختم ٿي ويا آهن ھنن تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز ۽ تعلقه مورو جي انتظاميا کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي آھي ته اسان جي ڳوٺن مان برسات جو بيٺل گندو پاڻي نيڪال ڪرائي مڇرمار اسپري ڪرائي وڃي ۽ اسان جي ٿيل نقصان جو ازالو ڪري مالي مدد ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.