لاڙڪاڻي پوليس جي ڪاررواين ۾ 6 ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس ڏوهارين خلاف ڪاروائيون ڪندي اشتهاري، روپوش ۽ گهربل 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار ۽ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه نئون ديرو پوليس مقتولا عورت سعيده بروهي جي قتل جي مُک ۽ سنگين نوعيت جي چئن کان وڌيڪ ڪيسن جي اشتهاري جوابدار حسين بخش ميتلو کي پسٽل ۽ گولين سميت، وليد پوليس چيڪنگ دوران نيو اناج منڊي وٽان جوابدار ڪامران جتوئي کي هڪ ڪلو اڌ پاءُ چرس سميت، دڙي پوليس چيڪنگ دوران جوابدار صدام شيخ کي پسٽل ۽ گولين سميت، ڳيريلو پوليس جوابدار نياز مغيري کي اڌ پاءُ چرس سميت، رحمت پور پوليس چيڪنگ دوران سبحان الله چوڪ وٽان اشتهاري جوابدار سارنگ مغل کي ۽ الله آباد پوليس جوابدار سعيد کوکر کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

اوٻاوڙي لڳ پوليس جي ڏوهاري گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

اوٻاوڙو (ن ع آ ) اوٻاوڙو ايس ايس پي عمر طفيل جي سخت ھدايتن تي ريتي پوليس جي ڪاروائي مفرور اشتھاري ۽ ٻين ڏوھارين  خلاف ڪريڪ ڊائون خفيا اطلاع تي ھڪ جوابدار ھٿيار ۽ گولين سميت گرفتار ڪيس داخل،تفصيل موجب ايس ايس پي گھوٽڪي عمر طفيل  جي هدايتن تي مفرور اشتهاري ۽ ٻين ڏوهارين جي خلاف ڪريڪ ڊائون اڄ صبح جو ريتي پوليسگشت دوران ڳجھي اطلاع ملڻ تي ڪارروائي ڪندي ريڻي ڪينال پل لڳ ڳوٺ ڪيھر خان  وٽان هڪ جوابدارکي گرفتار ڪري ورتو گرفتار ٿيل آهي. جوابدار مقبول احمد عرف دلدار ولد حاجي صوبو خان ​​سندراڻي ويٺل لڊڙ ٻيلو ڪچو جنھن کي   پوليس پستول ۽ گولين سميت گرفتار ڪري ورتو . پوليس گرفتار ڪيل جوابدار کي ريتي ٿاڻي تي کڻي آئي ۽ سندس ان خلاف گناھ نمبر 37/2020 قلم 23 سنڌ آرمز ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.