اسلام ڪوٽ لڳ ڳوٺ تي هلان، فائرنگ، عورتن تي تشدد، احتجاج

مٺي(بيورو رپورٽ) اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ وڪڙيو جي رهواسين  ولها برادري جي ماڻهن ۽ ڳوٺاڻن  تماچي  ولهو.برڪت جنجهي،سيف اللله سنگراسي  ييرسن حمايت،ولايت هوا،سوناري معصوم ٻارن قاسم،نظير،  آشا،جليخان ۽ ٻين ڳوٺ جي ٻين ڳوٺ جي بااثر وڏيرن جي خلاف ڪالھ ٻئي ڏينهن بہ   پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري مسلسل ڇهن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي،اُنهي موقعي تي متاثرن دانهيندي الزام هڻندي چيو تہ ڳوٺ جي بااثر وڏيري روينيو جي عملدار نبي بخش جنجهي،هانسو جنجهي ساٿين سان گڏجي هڪ ڏينهن اڳ اسان جي گهر تي قبضو ڪري فائرنگ ڪري اسان جي عورتن کي بندوق جا ڪنڌاق هڻي تشدد ڪيو، جنهن جي اسان پوليس کي دانهن بہ ڏني ۽ احتجاج بہ رڪارڊ ڪرايو باوجود انهي جي پوليس اسان جي هڪ بہ نہ ٻڌي،بااثر جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي بجاءِ پوليس بااثر جي ڌُر بڻجي چوي پئي تہ نہ گهر تي قبضو ٿيو آهي ۽ نہ وري گهر تي فائرنگ ٿي آهي،اسان سان بااثر وڏيري ظلم ڪري جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي وڏيرو هٿيار کڻي اسان جي پويان گهمي رهيو آهي،خوف سبب اسين گهر بہ لڪي وڃون ٿا اسان جو چوپايو مال دربدر ٿي ويو مال کي سنڀالڻ لاءِ ڪو ماڻهو ڳوٺ نٿو وڃي سگهي پر پوليس جي اکين تي ٻڌي ٻڌل هجڻ سبب اُنهي کي اهو ظلم ڏسڻ ۾ ئي نٿو اچي. اسان چيف سيڪريٽري سنڌ،آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي ميرپورخاص کي اپيل ٿا ڪريون تہ انسانيت جي ناتي اسان غريبن سان ٿيندڙ ظلم جو نوٽيس وٺي وڏيرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان انصاف ملڻ تائين پنهنجو احتجاج جو سلسلو جاري رکنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.