شيخ ڀرڪيو ڀرسان نوجوان کي نانگ ڏنگي وڌو، فوت

شيخ ڀرڪيو (ن ع آ) شيخ ڀرڪيو ڀرسان ڳوٺ حميده هاليپوٽو ۾ زمين تي گاه ڪرڻ دوران 25ورهين جي نوجوان چيتن ولد راڻو ڪولهي  کي نانگ ڪکي وڌو جنهن کي بيهوشي واري حالت ۾ شيخ ڀرڪيو بي ايڇ يو سينٽر آندو ويو  جتي نانگ کان بچاء واري ويڪسين نه هجڻ ڪري نوجوان کي سول حيدر آباد ريفر ڪيو  ويو, سول اسپتال حيدرآباد  ويندي نوجوان جي جسم ۾ وڌيڪ زهر  ڦهلجڻ سبب  نوجوان تڙپي تڙپي رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.