نبي سر ٿر ويجھو 4 ڄڻا وهجندي ٻڏي ويا، هڪ نوجوان فوت

نبي سر ٿر (ن ع آ) نبي سر ٿر ڪنري روڊ تي ھاڪڙي ڍوري۾ وھنجڻ لاءِ چار جوڳي لٿا جن مان ھڪ ڄڻو   ھيرو ولد لالو جوڳي وڏي پاڻي ۾وڃڻ  سبب ٻڏڻ لڳو ته سندس گڏ وھنجندڙ پيءُ  لالو جوڳي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر  ھاڪڙي جي تيز وهڪري سبب کيس بچائي نه سگهيو، ٻڌايو پيو وڃي ته ٻڏي ويل نوجوان شادي شده ۽ ٽن ٻارن جو پيءُ  هئو،   واقعي جو اطلاع ملندي ئي سندس امڙ۽ گھرواريءَ کي بيھوشي جا دورا پوڻ لڳا، ھوڏانھن لاڳاپيل انتظاميه کي اطلاع ڪرڻ باوجود   سندن پاران ڪابه واھر نه ڪئي وئي، جڏھن ته ٻڏي ويل نوجوان جي وارثن پاران پنھنجي مدد پاڻ تحت ٽوٻن کي آندو جن ڳولها بعد نوجوان ھيرو جوڳي جو لاش ھٿ ڪري ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.