حيات پتافي لڳ ڪرنٽ لڳل عورت فوت

حيات پتافي (ن ع آ)حيات پتافي جي ڳوٺ دري ڪورائي م چار ڏينهن اڳ م مشرف علي نوحاڻي جي گهرواري 40ورهيه جي ثمينه  نوحاڻي بجلي م اچي زخمي ٿي پئي هئي جيڪا  وفات ڪري ويئي  خبرموجب حيات پتافي ويجهو ڳوٺ دري ڪورائي م چار ڏينهن اڳ م ڳوٺاڻي مشرف علي نوحاڻي جي 40ورهيه جي ثمينه نوحاڻي مال جي ڀاڻي جي مٿان ڪانن ۽ سرن سان ڪمري جي ڇت ڍڪي رهي هئي ته گهرن مٿان گزرندڙ هڪ لک ٻٽيھ هزار جي هيوي لائين جيڪا گڊو کان خانڳڙه ويندڙ بجلي م ڪانو لڳڻ سبب بجلي م شديد زخمي ٿي پئي هئي جيڪا رحيميارخان جي شيخ زيد اسپتال داخل هئي سا  وفات ڪري وئي.  جنهن جومڙه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ,عورت جي جنازي نماز ڳوٺ دري ڪورائي م ادا ڪئي وئي جنازي نماز م سوين برادري جي ماڻهن ۽شهرين شرڪت ڪئي جڏهن ته مرحومه جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد آباڻي قبرستان نانگي شاه م مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.