لاڙڪاڻي ۾ قيدي پنهنجو ڳلو ڪپي ڇڏيو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ قتل ڪيس ۾ قيد ڀوڳيندڙ قيدي جي مبينا خودڪشي جي ڪوشش، جيل پوليس ۽  وارثن خودڪشي جي ڪوشش ڪري اتفاقي واقعو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ قتل ڪيس ۾ سزا ڪاٽيندڙ لاڙڪاڻي شهر جي نيو لُهر ڪالوني واسي نوجوان قيدي منصور شاهه مبينا طور تيز ڌار اوزار سان پنهنجو ڳلو ڪپي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي جيل پوليس فوري طور زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي ايمرجنسي واري وارڊ ۾ داخل ڪيو جتي ڊاڪٽرن پاران کيس فوري طور طبي امداد ڏئي بعد جيل وارڊ منتقل ڪري ڇڏيو . جتي سندس جو علاج جاري آهي. ان موقعي تي مبينا خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ قيدي جي ڀائرن منير شاهه ۽ سجاد شاهه سميت جيل پوليس ٻڌايو ته منصور شاهه واش روم ۾ اوچتو ڪري پيو جتي کيس ڳلي ۾ شيشي جو ڌڪ لڳو ۽ هو زخمي ٿيو پر هن جيل ۾ خودڪشي ناهي ڪئي. هنن چيو ته ٽي سال اڳ منصور شاهه مٿان شهر جي دڙي ٿاڻي تي قتل جو ڪيس داخل ٿيو جنهن ڪيس ۾ هو لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ قيد ڀوڳي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.