جوهي ۾ بجلي جي ٿنڀي تان ڪري نوجوان زخمي، جسم سڙي ويو

جوهي ( ن ع آ )  ڪاڇي جي ڳوٺ غزياڻي لنڊ ۾ محمد جمن ولد عطا محمد لنڊ پاران سيپڪو جوهي وارن سان ڳالهائي 11 هزار کنڀي تي چڙھي گهر جي  بجلي درست ڪري رهيو هيو ته اوچتو بجلي جوهي گرڊ تان چالو ڪئي  وئي جنهن جي نتيجي ۾ بجلي ۾ وچڙي ڪري پيو سندس جسم جا ڪجهھ حصا سڙي پيا، ٿنڀي کان بيهوش ٿي ڪرڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳوٺاڻا زخمي حالت ۾ تعلقه اسپتال جوهي پهچايو، جتي هوش ۾ اچڻ بعد زخمي ٻڌايو ته اسان وٽ بجلي جي فالٽ ٿيڻ بعد مهينن جا مهينا درست ڪرڻ ڪوبه عملو ڪاڇي جي ڪنهن  به ڳوٺ ۾ نٿو اچي مجبورن پاڻ کي درست ڪرڻو پوي ٿو، اڄ واپڊا جي ملازمن محسن دستي ۽ فدا حسين گوپانگ  کي اطلاع ڏيڻ با وجود بند بجلي چالو ڪئي، جنهن تي زخمي ٿي ڪري پيو آھي. ، جنهن ۾ ھٿ ۽ چيلهه پاسيريون ڀڄي پيون آھن، جسم جو ڪافي حصو سڙي پيو ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته نااهل عملي خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي، ڪاڇي ۾ درهم برهم بجلي جي نظام کي درست ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.