گهوٽڪي لڳ عورتن کان ڦر ڪوشش، 3 ڄڻا زخمي

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي ويجهو جوابدارن پاران  حملوڪري رستي ويندڙ عورتن کان زبردستي زيور ڦر ڪرڻ جي ڪوشش، مزاحمت تي   ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا رتو رت اسپتال منتقل، خبر موجب
ان حوالي سان ڳوٺ علي نواز سولنگي جي رهواسين حاجي لطف علي،  علي گوهر غلام حيدر ۽ ٻين پريس ڪلب  پهچي دانهيندي چيو آهي ته پنجاب جي علائقي احمد پور جي رهواسين مومن سولنگي جيوڻ شبير عيدن نظير سولنگي ۽ ٻين   جوابدارن  حملوڪري رستي ويندڙ عورتن کان زبردستي زيور ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،  ان دوران  مزاحمت تي  جوابدارن ، مائي انور مائي ساماڻي ۽ غلام رسول سولنگي کي ڪهاڙين جا وار ڪري  رتو رت ڪري ڇڏيو جنهن بعد جوابدار فرار ٿي ويا، هوڏانهن زخمين کي تعلقه اسپتال گهوٽڪي  منتقل  ڪيو ويو جتان غلام رسول سولنگي جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس سکر منتقل ڪيو ويو آهي. واقعي جو سرحدٿاڻي تي اطلاع ڪيو ويو آهي پر ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.