جهول ۾ دڪاندار جو چوري خلاف احتجاجي مظاهرو

جهول (ن ع آ) جهول ٿاڻي جي حد ۾ چورين ڦرون جو آزار شهري علائقي واسين راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور گذريل رات الرحمت ڪاٽن  فيڪٽري ڀرسان گڙنگ روڊ تي جهول جي مشهور واپاري ڏيون داس ۽ مھيش داس جي دڪانن جا نامعلوم چور تالا ٽوڙي چاليهه هزار کان وڌيڪ گلي ۾ پيل روڪ رقم ۽ روز مرا جون شيون جنهن ۾ گيهھ، کنڊ، چانور ۽ چانهه پتي وغيره کڻي ويا جنهن جي ماليت ٻه لک کان وڌيڪ ٻڌائي وڃي ٿي واپاري ڏيون داس صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته رات چار بجي ڌاري پاڙي وارن مون کي فون ڪري ٻڌايو ته توهان جي دڪان جا تالا ٽوٽل آهن جيئن آئون پنهنجي دڪان تي پهتس ته واقعي تالا ٽوٽل هنيا.  ۽ پاڙيسري دڪاندار جا به تالا ٽٽل هئا جنهن بعد مان اهڙو اطلاع جهول پوليس کي ڏنو ايس ايڇ او جهول مسعود مصطفيٰ ڏاهري اي ايس آئي محمد اسماعيل گوپانگ ۽ منشي محراب شر پوليس سان گڏ واقعي واري هنڌ پهتا جن يقين ڏياريو ته توهان جي ٿيل چوري جلد واپس ڪرائيندا سين هن چيو ته مون سان وڏو ظلم ٿيو آهي پوليس خانا پوري ڪرڻ ۾ لڳي پئي آهي.  هن چيو ڪجهه فاصلي تي هوٽل سڄي رات کليل هوندو آهي منهنجي ڪنهن سان به دشمني ناهي مون کي چوري واپس ڪرائي ڏني وڃي اهڙي طرح جهول ٿاڻي جي حد ۾ چورين ڦرون جو آزار پڻ وڌي ويو آهي جهول پوليس چورين ڦرون تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ بلڪل ناڪام ٿي وئي آهي آخر ۾ چيو ته منهنجي ۽ پاڙيسري دڪاندار جي ٿيل چوري واپس ڪرائي مون سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.