فريدآباد ۾ زمين مالڪي تان جهيڙو، متاثرن جو احتجاج

فريدآباد  ( ن ع آ  ) فريدآباد لڳ 50:ايڪڙ زرعي زمين جي مالڪي تان خاصخيلي برادري جو تڪرار تيز ٿي ويو ڳوٺ الھڏنو  تيوڻو جي رھواسين پورھيت ھاري حاڪم خاصخيلي، ديدار خاصخيلي، ھمت علي خاصخيلي ۽ٻين زمين تي قبضو ڪرڻ ۽ مخالف ڌر بااثر مشتاق خاصخيلي جي ڏاڍاين خلاف نيشنل پريس ڪلب تي احتجاج ڪندي چيو ته 50 ايڪڙ زرعي زمين تي مخالف مشتاق خاصخيلي قبضو ڪرڻ چاھي ٿو، اسان زرعي زمين جي پيداوار سالن کان کڻندا کائيندا اچون پيا، ھاڻي اسان جي زمين تي وڃڻ نٿو ڏي ، اسان غريب مسڪين پورھيت ۽ ھاري آھيون زرعي زمين جي ورھاست جو فيصلو ٿيل آهي.  جنهن جي  مخالف بااثرمشتاق خاصخيلي  ڀڃڪڙي  ڪري رھيو  آهي اسان کي خطرو آهي ڪوڙا ڊراما ڪري ڦاسائڻ چاھي ٿو ھنن آءِ جي سنڌ ايس ايس پي دادو ـ ڊي سي دادو مختيارڪار ميھڙ ھاء ڪورٽ جي جسٽس کان گھر ڪئي ته زمين تان قبضو ختم ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.