روزاني جنگ بدين جو رپورٽر محمد حنيف زئي ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو

بدين ( ڊ ر ) بدين ضلعي سان تعلق رکندڙ تعلقي گهولاڙچي جو رھائش پذير پريس ڪلب گولاڙچي جو ڪيترا دفعا صدر رھندڙ ايوان  صحافت بدين جو سينئر ميمبر روزنام جنگ اخبار ۽ جيئو نيوز بدين ۽ ٿرپاڪر جون ڊسٽرڪٽ ذميواريون سنڀاليندڙ نوجوان 13 سال جيئو ۽ جنگ سان لاڳاپيل رھيل محمد حنيف زئي کي ڪجھه وقت اڳ بخار جي شڪايت رھي ان دوران گولاڙچي جي لاپرواھ ڊاڪٽرن سندس ٽيسٽون ڪرڻ بجاءِ کيس 9 ڏينھن تائين بنا ڪنھن ٽيسٽ ڪرائڻ جي مختلف دوائون لکي ڏيندا رھيا پر سندس حالت ۾ بھتري اچڻ بجاءِ سندس طعبيت خراب ٿيندي وئي، بدين بعد ڪراچي موڪليون ويو ٽيسٽون ڪيون ويون ۽ ان بعد ڪرونا وائرس ھجڻ جي تصديق ڪئي وئي پندرھن ڏينھن تائين سندس علاج جاري رکيو ويو پر سندس طعبيت ۾ بھتري نه اچڻ تي کيس آڪسيجن تان ھٽائي ونٽليٽر تي رکيو ويو پر ان باوجود به  حنيف زئي جي طعبيت بھتر نه ٿي سگھي.  رات دير سان سندس ساھ جو سڳو ٽٽي ويو ۽ اڄ صبح ڪراچي کان ايمبولينس ذريعي گولاڙچي پھچايو ويو . جنازي نماز بعد کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، پ پ چئرمين بلاول زرداري ڀٽو  . عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ . عوامي آواز جي ريزيڊنٽ ايڊيٽر اقبال ملاح ايس ايس پي بدين شبير احمد سيٺار ڊي سي بدين ڊاڪٽر عبدالحفيظ سيال . ايس ايس پي ٿرپارڪر مٺي حسن سردار نيازي ۽ ٻين پاران حنيف زئي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظھار ڪيو ،ٻئي طرف ايوان صحافت بدين جي صدر غلام مصطفي جمالي پاران ٽي ڏينھن سوڳ جو اعلان ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.