حيدرآباد ۾ کنڀي گم ڪيل ڀائرن جي آزادي لاءِ بک هڙتال

حيدرآباد(رپورٽر) فريد آباد جي مان کنڀي گم ڪيل ٻن ڀائرن امتياز خاصخيلي ۽ رياض خاصخيلي جي آزادي لاءِ سندن گهرڀاتين  پاران ڪالهه ٽئين ڏينهن به حيدرآباد پريس ڪلب سامهون 15 ڏينهن واري اعلانيل بک هڙتال جاري رکي. ان موقعي تي امتياز ۽ رياض جي امڙ شرمان خاتون دانهيندي چيو ته امتياز ۽ رياض کي نقاب پوش ماڻهو ڪيترو ئي وقت اڳ کڻي کين گم ڪري ڇڏيو آهي، جن جو هينئر تائين ڪو به ڏس پتو ناهي مليو. هن چيو ته امتياز کي 20 جون جي ڏينهن شورا ڳوٺ ڄامشورو مان ۽ رياض کي 11 جولاءِ جي ڏينهن فريد آباد واري ڳوٺ الله ڏنو تيوڻو مان  گهر مان گرفتار ڪري کڻي ويا آهن جيڪي هينئر تائين گم آهن. هن چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ ڪورٽ سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته سندس پٽ بيگناهه آهن جيڪڏهن هنن ڪو ڏوهه ڪيو به آهي ته جلد کين ڪورٽ ۾ پيش ڪري اي ڪيس هلايو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.