خانپور ويجھو شهري جي موٽرسائيڪل چوري، ڌرڻو، باهيون

خانپور (ن ع آ) خانپور ويجهو رورل ھيلٿ سينٽر رحيم آباد ۾ عبد المجيد پنهنجي ٻارن کي دوا وٺي ڏيڻ لاءِ   اچي موٽر سائيڪل  بيھاري اندر اسپتال ويو ته چاٻي چور   موٽر سائيڪل ڪاھي فرار ٿي ويا، رحيم آباد ٿاڻي تي نامعلوم ڏوھارين خلاف اين سي داخل ڪرائي وئي،  ٻئي طرف عبد المجيد  عبد الجبار عبد الھادي ۽ امتياز  جي اڳواڻي ۾ رحيم آباد اسٽاپ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ٽائرن کي باھيون ڏئي ٺل _شڪارپور روڊ تي ڌرڻو هنيو، سخت نعري بازي، مظاهرين دانهيندي  چيو ته شهر ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي  ڪيو، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي چوري ٿيل موٽرسائيڪل واپس ڪرائي امن قائم ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.