خيرپور ۾ پئسا نه ڏيڻ تي زال جي تذليل، مڙس گرفتاري بعد آزاد

خيرپور (  ڊر ) خيرپور بي سڪيشن ٿاڻي جي حد مل ڪالوني جي رهواسڻ مسمات صنم ٽالپر زال وحيد ٽالپر پريس ڪلب خيرپور  پهچي صحافين جي اڳيان دانهيندي ٻڌايو آهي ته منهنجو مڙس وحيد ٽالپر جيڪو موالي آهي هن  نشي جا پئسا گهريا جيڪي مون وٽ نه هيا جنهن تي هو بتال کائي منهنجا وار ڪتريا ۽ بعد ۾ منهنجي منهن تي ڪارنهن هڻي تذليل ڪئي اهڙي واقعي جي مون دانهن مل ڪالوني جي چونڪي انچارج کي ڏني جنهن هن کي گرفتار ڪري بعد ۾ هن کي ڪنهن  وڏي ماڻهن  جي فون تي کيس آزاد ڪري ڇڏيو . ياد رهي ته خيرپور ۾ عورتن جي تذليل ڪرڻ وارن واقعن ۾ مسلسل اظافو ٿي رهيو آهي هن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان  واقعي جو نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.