بٺوري ۾ ڊائريا پکڙجي وئي، معصوم نينگري فوت

سجاول (ڊ ر) ميرپوربٺورو شهر جي وڏي آبادي واري علائقي اريگيشن ڪالوني ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جي ڪري ڊائريا پکڙجڻ سبب معصوم گل ڪومائجي ويو آهي ان ڏس ۾ ايريگيشن ڪالوني ۾  ڊائريا ۾ مبتلا ٿيڻ سبب ٻن سالن جي معصوم نينگري تانيا ڌيءَ قمر جتوئي فوت ٿي وئي ، فوت ٿي ويل معصوم نينگري جو جنازو به گھٽي ۾ بيٺل برساتي ۽ گٽرنالن جي نيڪال واري پاڻي مان گذاريو ويو، ھوڏانھن ڪالوني جي رهواسين جو چوڻ آهي ته لڳ ڀڳ ھڪ مھينو ٿيڻ وارو آهي سندن ڪالوني ۾ بيٺل برساتي پاڻي نيڪال ناهي ڪرايو ويو تعلقي ۽ضلعي انتظاميا سميت چونڊيل نمائندن اڳيان ڪيترائي ڀيرا دانھيو آهي پر ڪير ٻڌڻ وارو ناهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.