ڪوٽڙي ۾ نوجوان جي گرفتاري خلاف ورثن جو احتجاج

ڪوٽڙي ( ت ر  ) ڪوٽڙي جي ڳوٺ مانجھي برفت جي رھواسين  ڪوٽڙي ڦاٽڪ وٽ وار ھيڊ برج تي ھڪ ڳوٺاڻي ارشد برفت جي گرفتار خلاف احتجاج ڪندي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ پوليس خلاف سخت نعاري بازي ڪئي روڊ بلاڪ روڊ جي ٻنھي پاسن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته پوليس بنا جواز اسان جي نوجوان کي گرفتار ڪري وئي آھي، ھنن چيو ته اسان جي نوجوان کي آزاد ڪيو وڃي، جنھن بعد پوليس پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪيو پوليس جي يقين ڌياني بعد مظاھرين روڊ کولي مظاھرو ختم ڪري ڇڏيو .

سجاول ٽائون ڪاميٽي جا ملازم پگهارن کان محروم

سجاول (ڊ ر)  سجاول ضلعي جي ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن کي گذريل مهينن جون پگهارون جاري نه ٿيڻ ڪري ملازم سخت پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن جڏهن ته ماهوار پگهار وقت تي نه ملڻ سبب ملازم طبقو فاقا ڪشي ڪاٽڻ لڳو آهي، انهي سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ٽائون آفيسر سجاول ۽ ميرپوربٺورو منير احمد منگي ملازمن کي پگهارون نه ملڻ جو ذميوار ايڊمسٽريٽرن کي قرار ڏيندي ٻڌايو ته اسسٽنٽ ڪمشنر کي ٽائون ڪاميٽين تي ايڊمسٽريٽر مقرر ڪيو ويو آهي جيڪي ملازمن جون پگهارون نٿا ڪن آئون ڪجهه نٿو ڪري سگهان،

سنڌ ۾ اڄ تعليمي ادارا کولندا، تياريون مڪمل

سکر (رپورٽر) سنڌ ۾ اڄ تعليمي ادارا کلندا، تياريون مڪمل، ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ سخت اپاءُ وٺڻ جو فيصلو،  خبرموجب سنڌ حڪومت پاران ڪورونا وائرس جي خدشن سبب بند ڪيل تعليمي ادارا ساڍن 6 مهينن بعد اڄ کولڻ واري اعلان سبب سرڪاري توڙي خانگي تعليمي ادارن ۾ تدريسي عمل شروع ڪرڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. جڏهن ته تعليمي ادارن ۾ ڪلاس نائين، ڏهين، فرسٽ ايئر انٽر ۽ يونيورسٽي جا ڪلاس شروع ٿيڻ کان اڳ ئي انتظاميا پاران حڪومت پاران جوڙيل ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ سختي سان هدايتون ڪيون ويون آهن. اهڙي هدايتن بعد سکر جي تعليمي ادارن ۾ انتظاميا پاران شاگردن کي ماسڪ ۽ سماجي مفاصلو رکڻ لاءِ اپاءُ پڻ ورتا ويا آهن. ان ڏس ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ٻارڙن جي والدين جو چوڻ آهي ته ساڍن 6 مهينن بعد اسڪول کلڻ سان ٻارڙن جو تدريسي عمل شروع ٿيندو. مسلسل اسڪول ۽ تعليمي ادارا بند هجڻ سبب ٻارن جو مستقبل داءُ تي لڳي چڪو هو. حڪومت تعليمي ادارا کولي بهتر فيصلو ڪيو آهي. ٻي طرف سکر جي هڪ هيڊ ماستر جو چوڻ آهي ته اسڪول کلڻ کان اڳ ئي اسڪولن ۾ صفائي ڪرائي جراثيم مار اسپري ڪيو ويو آهي. ٻارڙن کي سماجي مفاصلي تي سختي سان عمل ڪرايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.