حيدرآباد پوليس جي ڪارروائي، 2 ڦورو گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي سخي پير پوليس ڦرلٽ جي وارداتن ۾ ملوث ٻن ڄڻن کي گرفتار  ڪري ورتو آهي. گرفتار ڪيل محمد آصف قائمخاني ۽ محمد احمد عرف سونو شيخ وٽان 2 پستول، ڦر ڪيل موٽرسائيڪل ۽ موبائيل فونز هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. پوليس موجب علائقي جي هڪ شخص عبدالحميد راجپوت ڪيس داخل ڪرايو هو ته 2 جوابدار کانئس فون ۽ رقم ڦري ويا آهن.  ان ڪيس جي جاچ دوران جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو جن ڦرلٽ جي وارداتن جو اعتراف پڻ ڪيو آهي.17

 ٺٽي ۾ ڏوھارين جو راڄ، رائيس مل مان چوري

ٺٽو (س ر) ٺٽي شھر ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڏوھارين کي مڪمل طور تي ڇوٽ مليل  آھي، جنھن سبب شھرين جو ڦرجڻ بہ معمول بڻجي ويو آھي،  سروي موجب ھڪ مھينو اڳ صحافي رحمت الله ڇٽو جي موبائيل چوري ٿي وئي، ھڪ ھفتو اڳ شھري ڪامران ۽ شاگرد اڳواڻ لطف علي ھالو جون موٽر سائيڪلون چوري ٿي ويون. جڏھن تہ گذريل رات دير سان ٺٽي شھر ۾ قائم تاريخي مسجد شاھجھان جي پويان عبدالله ميمڻ جي رائيس مل ۾ نامعلوم چور داخل ٿي لکين رپيا روڪ کڻي آساني سان فرار ٿي ويا. جڏھن تہ ٺٽو پوليس اڃان تائين ڄاڻايل وارداتن مان ھڪ بہ واپس نہ ڪرائي سگھي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.