ٽنڊو مستي ۾ پسند پرڻي تان ٻيهر تڪرار، گوليون لڳڻ سبب نوجوان زخمي

ٽنڊومستي (ن ع آ ) ٽنڊو مستي ٿاڻي  جي حد ڳوٺ ڏاڙھون خان جتوئي ۾ 2 سال اڳ  پيار پرڻي جي پراڻي تڪرار تان ھٿيار بندن گھر کان زمين تي ويندڙ عبدالغفار پٽ محمد ابراھيم جتوئي تي اوچتو هٿياربندن حملو ڪيو جنھن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب  نوجوان زخمي ٿي  پيو،  جنھن کي ٽنڊو مستي پوليس ميڊيڪل  ليٽر ڏئي خيرپور سول اسپتال منتقل ڪيو ٻئي طرف زخمي  نوجوان جي سوٽ الياس جتوئي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته 2سال اڳ اسان جي نوجوان ڪانڌڙا برادري جي ڇوڪري سان پيار پرڻو ڪيو هيو بعد ۾ جيڪا راڄوڻي طريقي سان واپس ٿي هئي ۽ مسئلو به ختم ٿيل هيو تنهنجي باوجود  ڪانڌڙا برادري جي ماڻھن حملو ڪري اسان جي نوجوان کي گوليون هڻي زخمي ڪري وڌو آھي.

رستم لڳ ڪمالاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، فائرنگ، عورت زخمي

لکي غلام شاھ (ت ر) رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ غازي ڪمالاڻي ۾ غازي ۽ صالح ڪمالاڻي  جي ڌرين وچ ۾ هلندڙ ڪارنهن مامري جي خوني تڪرار ۾ ڌرين پاران هڪٻئي مٿان فائرنگ ڪئي وئي  ٻنهي ڌرين جي فائرنگ دوران  زمين ۾ گاھ ڪندڙ شر برادري جي عورت مسمات خيران زال قلب علي شر گولي لڳڻ سبب شديد زخمي ٿي پئي،زخمي عورت کي رستم پوليس علاج لاء شڪارپور اسپتال اماڻي ڇڏيو،ٻئي طرف ايس ايڇ او رستم غلام علي بروهي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪمالاڻي ڌرين وچ ۾ هلندڙ تڪرار تان ٿيل فائرنگ ۾ ڳوٺ وريام شر واسي عورت مسمات خيران شر پنهنجي گهرن ٻاهران زخمي ۾ گاھ ڪرڻ دوران زخمي ٿي آھي. وارث اچن ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.

 ميرپوربٺورو لڳ   هٿياربندن جي   ڳوٺاڻي کان ڦر جي ڪوشش

سجاول (ڊ ر) ميرپوربٺورو لڳ موٽر سائيڪل تي سوار هٿياربندن پاران ڳوٺ مظفر بڪيرو کان بٺورو طرف ايندڙ موٽر سائيڪل تي سوار ڳوٺ مظفر بڪيرو جي نوجوان آصف بڪيرو کان موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڳوٺاڻو نوجوان ڀڄي پاڻ کي بچائي ورتو انهي سلسلي ۾ ڳوٺاڻن پاران اهڙي واقعي جي رپورٽ بٺورو ٿاڻي تي داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.