کهڙا لڳ تيز رفتار ڊمپر جو ڪار کي ٽڪر، 4 ڄڻا فوت، ٻه زخمي

کهڙا ( رپورٽ: تبسم اڄڻ ) کهڙا لڳ ستابو اسٽاپ وٽ تيز رفتار ڪار ۽ ڊمپر ۾ ٽڪر 4 ڄڻا  فوت 2 ڄڻا  زخمي، خبر موجب  خيرپور لاڙڪاڻو باءِ پاس روڊ تي تيز رفتار ڪار ۽ ڊمپر جي وچ ۾ اوچتو زوردار ٽڪر ٿي پيو ،  جنھن جي نتيجي ۾ چار ڄڻا  آصف ڀٽي، نجم الدين ڀٽو،سڌير ڀٽي، غفار عباسي فوت ٿي ويا جڏھن ته ڪفايت ڀٽي، شاڪر ڀٽي، امجد ڀٽي سخت زخمي ٿي پيا.  فوت ٿي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي بھارو پوليس  کڻائي گمس اسپتال گمبٽ پھچايو ، انهي حوالي سان معلوم ٿيو آھي ته  فوتي ۽ زخمي نصير آباد جا رھواسي آھن، جيڪي لاڙڪاڻو طرف وڃي رھيا ھئا ته سندن سان روڊ حادثو پيش آيو ستابو موڙ وٽ سندن ڪار ڊمپر سان ٽڪرائجي وئي.  . ھوڏانھن معلوم ٿيو آھي تھ ڊمپر جو ڊرائیور ڊمپر ڇڏي فرار ٿي ويو آھي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.